پيغمبر پاڪ جون نياڻيون

پيغمبر پاڪ جون نياڻيون (ڪتاب): هي ڪتاب عبدالرحمان جتوئي ۽ عبدالجبار عبد جو لکيل آهي، جنهن ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي چئن نياڻين سڳورين جو احوال آهي، جنهن ۾ حضرت بي بي فاطمه زهريٰ رضه، بي بي زينب رضه، بي بي رقيه رضه ۽ بي بي ام ڪلثوم رضه شامل آهن. فاضل ليکڪن تمام سٺن ۽ سولن لفظن ۾ قرآن پاڪ جي آيتن جي روشنيءَ ۾ هي احوال لکيو آهي، جنهن ۾ پاڻ سڳورن جن جي زندگيءَ جا ڪيترائي پهلو ملن ٿا. هي ڪتاب سنڌي ساهت سوسائٽي شڪارپور پاران 1997ع ۾ شايع ٿيو. ڊيمي سائيز، ڪچي جلد ۽ رنگين ٽائيٽل واري هن ڪتاب ۾ 120 صفحا آهن ۽ قيمت 35 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو